ابن الاثير

ابن الاثير: ابن الاثير جو سڄو نالو عزالدين بن ابوالڪرم اثيرالدين موصلي هو، جيڪو الجزائر جي شهر الجزيره ۾ ڄائو. موصل ۽ بغداد ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي سڄي ڄمار موصل ۾ تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاريائين. سندس سڀ کان مشهور ڪتاب ’الڪامل في التاريخ‘ آهي، جنهن ۾ ابتدا کان وٺي 628هه/ 1231ع تائين جا تاريخي واقعا هرسال جي حساب سان آندل آهن.
هن جي ٻي مشهور تاليف ’اُسد الغابة في معرفة الصحابة‘ آهي، جيڪا ساڍن ستن هزارن اصحابين جي زندگيءَ جي حالات تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ هن ’موصل‘ جي شاهي خاندان جي تاريخ به لکي ۽ ’اللباب‘ جي نالي سان سمعانيءَ جي ڪتاب ’الانساب‘ جو خلاصو لکيائين. هن جي ولادت 555هه/ 12 مئي 1165ع ۾ ٿي ۽ 630هه/ 1233ع ۾ وفات ڪيائين.


لفظ ابن الاثيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0555.00.00  هجري

هن جي ولادت 555هه/ 12 مئي 1165ع ۾ ٿي ۽ 630هه/ 1233ع ۾ وفات ڪيائين .


1165.05.12  عيسوي

هن جي ولادت 555هه/ 12 مئي 1165ع ۾ ٿي ۽ 630هه/ 1233ع ۾ وفات ڪيائين .


0630.00.00  هجري

هن جي ولادت 555هه/ 12 مئي 1165ع ۾ ٿي ۽ 630هه/ 1233ع ۾ وفات ڪيائين .


1233.00.00  عيسوي

هن جي ولادت 555هه/ 12 مئي 1165ع ۾ ٿي ۽ 630هه/ 1233ع ۾ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي امام بخش چانڊو
ڍير مٺو فقير لُنڊ
چنيسر3
استاد انور علي سانگي
آنند
عظميٰ گيلاني
شيخ توهدن دمياري
پير پٺو
شادي خان کوسو
سڊس جيمس وليم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون